چريو واهڙ

چـريو واهـڙ: ڪـنهـن دور ۾ سـنـڌوءَ جو وهڪرو ڳوٺ صالح پور، ديهه ڪچي رَٻَ، تعلقي دادوءَ ۾ مهرائن جي ڳوٺ کان اوڀر ۾ وهندو هو. اڳتي هلي درياهه پراڻي ديري کان ’پراڻ‘ ڇڏي، سڌو مٺياڻي بندر کان ڪاريجن ڳوٺ ڏي موٽ کاڌي هئي. صالح پور کان وهندڙ درياهه جي پراڻ تيز واهڙ وانگر وهي ڪنارا پائڻ لڳي ۽ واهه جي صورت اختيار ڪري وئي، جنهن تي ماڻهن ’چريو واهڙ‘ نالو رکيو. هي واهه ٺهڪڻ تڙ کان نرڪندو هو، جنهن جو وهڪرو تمام تيز هو. هن واهه جي ڪناري تي غلام مصطفيٰ خان جتوئيءَ جي لانڍي ۽ بنگلا آهن. جن کي پڪي لانڍي سڏجي ٿو. هي چريو واهڙ اڃا به موجود آهي.


لفظ چريو واهڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو